اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف خلاف بدنيتي تي ٻڌل مهم پويان عنصرن کان چڱيءَ ريت آگاهه آهيون، واضح طور تي چئي چڪا آهيون ته صدر جي استعيفيٰ يا آرمي چيف پاران صدارت جي عهدي جي خواهش بابت ڪي به ڳالهيون سوچ، يا منصوبو موجود ناهي، ان قسم جي بيانن ۾ ملوث عنصرن لاءِ واضح پيغام آهي ته اوهان ملڪ دشمن پرڏيهي ايجنسين سان گڏجي جيڪو ڪرڻ چاهيو ٿا ڪيو اسان پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ هر اهو قدم کڻڻداسين جيڪو ضروري هوندو. گهرو وزير محسن نقوي ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته اسان ان بدنيت مهم پويان لڪل عنصرن کان چڱي ريت واقف آهيون، گمراهه ڪندڙ سوچ ڪير ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ پکيڙي رهيو آهي ۽ ان پروپيگنڊه ذريعي ڪنهن کي فائدو ٿي سگهي ٿو، بابت مڪمل باخبر آهيون. هن چيو ته صدر مملڪت جا هٿياربند فوج جي قيادت سان گڏ مضبوط ۽ احترام جوڳا لاڳاپا آهن. هن واضح طور تي چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته اها گمراهه ڪن سوچ ڪير ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ پکيڙي رهيو آهي ۽ ان پروپيگنڊا سان ڪنهن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. گهرو وزير چيو ته زميني فوج جي سربراهه جي ڌيان جو مرڪز پاڪستان کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ آهي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به مقصد ناهي.