اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس جي گريڊ 20 هين جي سينئر آفيسر محمد عليم اختر کي بدلي ڪري سندس خدمتون هڪ سال لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حوالي ڪيون ويون آهن. محمد عليم اختر ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ چيف فنانس اينڊ اڪائونٽس آفيسر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو هو. هاڻي هو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ گريڊ 20 ۾ چيف انٽرنل آڊيٽر طور فرض سرانجام ڏيندو. اها بدلي 9 جولاءِ 2025ع تي جاري ڪيل اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي باقاعده نوٽيفڪيشن تحت عمل ۾ آندي وئي.