اسلام آباد– 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي چوٽيءَ سر ڪندڙن کي پاڪستان ۾ ڪوهه پيمائي جي دعوت ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مهم جي ڳولا جو اهم مقام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين قطري جبل چاڙهو عورت شيخه اسماءَ الثاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم شيخه اسماءَ الثاني کي نانگا پربت سر ڪندڙ نار ۽ قطر جي پهرين جبل چاڙهو عورت جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سندس غيرمعمولي همت ۽ عزم کي ساراهيندي مهم جوئي ۽ ڪوهه پيمائي جي ذريعي سڄي دنيا خاص طور تي عورتن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ کي فروغ ڏيڻ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان جي قدرتي جاين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سندس ڪوششن جي اعتراف ۾ شيخه اسماءَ الثاني کي پاڪستان جي مائونٽينز اينڊ ٽوئرازم جي لاءِ برانڊ ايمبيسڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جي 14 بلند چوٽين مان 5 جو پاڪستان ۾ هجڻ نه رڳو پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي پر اهي جبل چڙهندڙن ۽ ايڊوينچر جي شوقينن جي لاءِ هڪ اهم ماڳ بڻائي ٿو. هن پاڪستان جي شاندار جبلن جي چونڊ ڪرڻ ۽ ان جي قدرتي خوبصورتي طرف دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ تي شيخه اسماءَ جا ٿورا ادا ڪيا. هن سڄي دنيا جي جبل چاڙهوئن کي انهن جي مهمن ۾ مدد فراهم ڪندڙ پاڪستاني جبل چاڙهوئن، پورٽرز ۽ گائيڊرز جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪي سڄي دنيا جي جبل چاڙهوئن کي انهن جي مهم ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته انهن جي مهارت ۽ محنت عالمي جبل چاڙهوئن جي غيرمعمولي ڪاميابين جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته شيخه اسماءَ جي ڪاميابي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جرئت، مثبت ارادن ۽ استقامت جي گڏيل قدرن جي عڪاس آهي. هن ايڊوينچر ٽوئرازم، راندين ۽ نوجوانن جي شموليت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شيخه اسماءَ الثاني جي برابر موقعن جي تخليق ۾ جينڊر مساوات ڪميشن جي نائب صدر جي طور تي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم عالمي جبل چاڙهوئن جي لاءِ پاڪستان پاران جاري حمايت جو ورجاءُ ڪندي انهن سڀني ضروري سهولتن، حفاظت ۽ مهمان نوازي جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شيخه اسماءَ کي مستقبل ۾ وڌيڪ جبل چاڙهڻ جي لاءِ پاڪستان اچڻ ۽ اسٽريٽجڪ ۽ دلڪش منظرن کي ڳولڻ جي دعوت ڏني. شيخه اسماءَ الثاني شاندار مهمان نوازي تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا ادا ڪيا. نانگا پربت جي پنهنجي تازي ڪوهه پيمائي جو ذڪر ڪندي هن مقامي پورٽرز ۽ گائيڊرز جي تعاون کي ساراهيو ۽ ان شاندار جبل جي خوبصورتي کي پڻ ساراهيو. هن ڪي ٽو جنهن کي ماضي ۾ هوءَ سر ڪري چڪي آهي کي پنهنجي سر ڪيل سمورين چوٽين ۾ بهترين جبل قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جي خوبصورتي بي مثال آهي. وزيراعظم شيخه اسماءَ الثاني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.