اسلام آباد– 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ٽيرف ڪميشن جي تازي ڪارڪردگي جي ٿرڊ پارٽي نظرثاني جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نئين ٽيرف رجيم جي گهرجن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ ڪميشن جي جديد رخن تي نئين سر تنظيم سازي لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ٽيرف ڪميشن جي ڪارڪردگي تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم نيشنل ٽيرف ڪميشن جي قانوني، انتظامي ۽ ٻين اداراجاتي اختيار ۽ فرضن جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تنظيم سازي جي هدايت ڪندي چيو ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي تازي ڪارڪردگي جي ٿرڊ پارٽي نظرثاني ڪئي وڃي ته جيئن ان کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. هن چيو ته نيشنل ٽيرف ڪميسن جي نئين ٽيرف رجيم جي گهرجن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ جديد رخن تي نئين سر تنظيم سازي لازمي آهي، نيشنل ٽيرف ڪميشن وٽ ملڪي ڪاروبار، درآمدات ۽ برآمدات مارڪيٽ بابت سموريون زميني حقيقتون گڏ ڪرڻ جي موثر صلاحيت هجڻ گهرجي. هن چيو ته نيشنل ٽيرف ڪميشن جي خودڪار ۽ موثر تحقيقي صلاحيت ملڪي ڪاروبار کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومت نيشنل ٽيرف ڪميشن جي تربيت ۽ وسيلن جي گهٽتائي ۽ ان جي ڪم کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم نيشنل ٽيرف ڪميشن جي اپيليٽ ٽربيونل کي فوري طور تي فعال ڪرڻ ۽ نئين هدايتن تي اڳڀرائي جي بريفنگ ايندڙ مهيني ڏيڻ جي هدايت ڪئي.