اسلام آباد– 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) کي عالمي معيار جي شپنگ ڪمپني ٺاهڻ جي لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جهازراني جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي نئين سر تنظيم سازي، سڌارن، ڪارڪردگي جي جائزي ۽ ان کي عالمي معيار جي شپنگ ڪمپني ٺاهڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، جنيد انور چوڌري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جهازراني جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، شپنگ جي شعبي ۾ خانگي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ جامع پلان جوڙي پيش ڪيو وڃي، سامونڊي جهازن جي انگ ۾ اضافي ۽ پاڪستان ۾ ڪارگو جي اچ وڃ جي لاءِ چٽاڀيٽي بنيادن تي پي اين ايس سي جي جهازن جي استعمال جي فروغ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. وزيراعظم پي اين ايس سي کي عالمي معيار جي شپنگ ڪمپني ٺاهڻ جي لاءِ شعبي جي ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ سڌارن سان نه رڳو شپنگ جي مد ۾ عالمي ڪمپنين کي ادا ڪئي ويندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر مقامي سي فيئررز جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌندا. اجلاس ۾ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ سامونڊي جهازن جي موجوده انگ، پاڪستان ۾ سالياني ڪارگو جي اچ وڃ ۽ مستقبل ۾ پي اين ايس سي جي توسيع جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ پي اين ايس سي جي آپريشنز تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.