ڪوالالمپور – 10 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪوالالمپور ۾ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي 32هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اي آر ايف اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڌرين پاڪ ڪئناڊا ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رجحان تي اتفاق ڪيو. هن اقتصادي ۽ واپاري گڏيل لاڳاپن جي وسعت ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اتفاق پڻ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪينيڊين هم منصب پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي ٿورن سان قبول ڪيو ويو.