ڪوالالمپور – 10 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي آسٽريليا جي پرڏيهي وزير سينيٽر وانگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ آسٽريليا جي مضبوط لاڳاپن سميت واپار، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪرڪيٽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڌرين ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جنهن جو موجوده ڪاٿو 1.186 ارب ڊالر آهي. اهڙي طرح تعليم جي شعبي ۾ حصيداري جي فروغ ۽ اعليٰ سطحي سياسي مٽاسٽا کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران آسيان سميت ٻين فورمز تي گڏيل رابطا جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.