ڪوالالمپور – 10 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 32هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪوالالمپور پهچڻ تي پاڪستان جي سفير سيد احسن رضا ۽ ملائيشيا جي پرڏيهي وزارت جي اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.