بيجنگ – 10 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پبلسٽي ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي هيڊ، وزير ۽ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيليويزن ايڊمنسٽريشن چائنا (اين آر ٽي اي) واري پارٽي سيڪريٽري سائو شومن جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفي ميڊيا تعاون کي سگهه ڏيڻ، گڏيل پروڊڪشنز، فيڪ نيوز جي تدارڪ، تربيتي پروگرامن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي نئين امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ميڊيا جي شعبي ۾ جاري حصيداري کي گڏيل اعتماد ۽ پراڻي دوستي جو مظهر قرار ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ميڊيا جي ميدان ۾ چين جي تجربن مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا، پبلڪ سروس براڊ ڪاسٽنگ ۽ ثقافتي مواد جي ترويج ۾ چين جي مهارت ساراهه جوڳي آهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته فيڪ نيوز ۽ ڊس انفارميشن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ چين ۽ پاڪستان جي سرڪاري نشرياتي ادارن جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل نشرياتي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏني ويندي. ڌرين فيڪ نيوز جي خلاف گڏيل بيانيي ۽ فني تربيت ۽ اداراجاتي حصيداري تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات دوران چائنا سينٽرل ٽيليويزن (سي سي ٽي وي) ۽ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي وچ ۾ معلوماتي مٽاسٽا ۽ تعاون جي فروغ جي لاءِ معاهدي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. عطاءُ الله تارڙ ٻڌايو ته ان معاهدي جي ذريعي ٻئي ادارا خبرن، دستاويزي فلمن، تربيتي مواد ۽ فني مدد ۾ حصيداري وڌائيندا. هن چيو ته تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران چين ۽ پاڪستان جي نوجوانن هڪ ٻئي سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي ٻنهي ملڪن جي روشن مستقبل جو محور قرار ڏنو. ملاقات ۾ ڊيجيٽل انفلوئنسرز جي پاڪستان ۽ چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڊيجيٽل دور ۾ سوشل ميڊيا نمائندن جي مٽاسٽا لاڳاپن ۾ نئين روح وجهي سگهي ٿي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گڏيل ميڊيا تعاون کي عملي قدمن ۾ آڻڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ قومي خابرو ادارو اي پي پي، چين جي ترقي، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، سي پيڪ، ثقافتي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪهاڻين کي پاڪستان ۽ چين جي عوام تائين موثر انداز ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي چيني زبان پروگرامنز، ڊاڪيومينٽريز ۽ نيوز رپورٽن کي اردو ۾ نشر ڪري ٻنهي قومن جي وچ ۾ فڪري ۽ ثقافتي پُل تعمير ڪري رهي آهي جڏهن ته اي پي پي جي چائنا نيوز سروس چيني قارئين تائين پاڪستان جو بيانيو موثر انداز ۾ پهچائڻ ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ٻنهي ملڪن جا ميڊيائي ادارا چين ۽ پاڪستان جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ، معاشرتي تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ جو ذريعو ثابت ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ميڊيا ۽ ثقافت جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا وڌيڪ امڪان موجود آهن جن کي فعال اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي چيني عهديدار سائو سومن چيو ته چين پاڪستان کي اعتماد جوڳو حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا ميڊيا ادارا گڏيل تجربن جي مٽاسٽا سان وڌيڪ ويجهو اچي سگهن ٿا. هن چيو ته ميديا ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تهذيبي مٽاسٽا ۽ جدت جهڙن موضوعن تي گڏيل بيانيو جوڙڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ميڊيا، ثقافت ۽ عوامي رابطن جا شعبا پاڪ چين دوستي کي نئين رخن کان روشناس ڪرائي سگهن ٿا ۽ انهن ڪوششن کي گڏيل حڪمت عملي تحت وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.