اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪوالالمپور ۾ آسيان ريجنل فورم جي 32هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي ويٽنام جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير بوئي ٿانه سون سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ عوام سان عوام جا لاڳاپا وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب  وزيراعظم محمد اسحاق ڊار گڏيل طور تي آسان تاريخن تي جلد ويٽنام جو دورو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي.