اسلام آباد– 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي ويندي، آبادي ۾ اضافي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ملڪ گير سوچ تي ٻڌل تحقيق ۽ موثر پاليسين کي اختيار ڪرڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري آهي، نوجوان ملڪي آبادي جو قيمتي اثاثو آهن، انهن کي معياري تعليم، صحت، روزگار جا موقعا ۽ خودمختياري فراهم ڪئي ويندي، آبادي ۾ تيز رفتار اضافو اسان جي قومي ترقياتي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي جنهن سان وسيلن، صحت ۽ تعليم جي نظام ۽ عوامي خدمتن جي شعبي تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، وڌندڙ بيروزگاري، ماحولياتي هيٺاهين، ٻيلن جي واڍيءَ ۽ صحت ۽ تعليم جو بار ان عدم توازن جون علامتون آهن جيڪي آبادي ۽ وسيلن جي وچ ۾ موجود آهن. آبادي جي عالمي ڏهاڙي 2025ع جي حوالي سان ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ جڏهن اسان آبادي جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون، هي بهترين وقت آهي ته اسان آبادي جي بدلجندڙ رجحانن تي غور ڪريون ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان پنهنجي سمورن شهرين جي ڀلائي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته هلندڙ سال عالمي ڏينهن جو موضوع ”هڪ منصفاڻي ۽ پراميد دنيا ۾ پنهنجي پسند جو خاندان جوڙڻ جي لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ“ چونڊيو ويو آهي جيڪو اسان جي آبادياتي منظرنامي جي حقيقي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي آبادي 24 ڪروڙ 20 لک کان وڌي وئي آهي ۽ اهڙي وقت ۾ ملڪ گير سوچ تي ٻڌل تحقيق ۽ موثر پاليسين کي اختيار ڪرڻ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ضروري آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته نوجوانن تي ٻڌل وڏي آبادي اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي ۽ ضروري آهي ته انهن کي معياري تعليم، صحت، روزگار جا موقعا ۽ خودمختياري فراهم ڪئي وڃي. صدر وڌيڪ چيو ته آبادي ۾ تيز رفتار اضافو اسان جي قومي ترقياتي عمل ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي جنهن سان وسيلن، صحت ۽ تعليم جي نظام ۽ عوامي خدمتن جي شعبي تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي، وڌندڙ بيروزگاري، ماحولياتي هيٺاهين، ٻيلن جي واڍيءَ ۽ صحت ۽ تعليم جو بار ان عدم توازن جون علامتون آهن جيڪي آبادي ۽ وسيلن جي وچ ۾ موجود آهن. هن چيو ته آبادي ۾ مسلسل اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع ۽ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لازمي آهي، خانداني منصوبابندي جي معياري سهولتن جي پهچ کي خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن تائين سگهه ڏيڻي پوندي، عورتن جي تعليم، روزگار ۽ انهن کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي، ڇو ته عورتن جي خودمختياري خانداني فيصلن تي سڌوسنئون اثر وجهي ٿي. هن چيو ته ان حوالي سان حڪومت کي ”توازن“ جي اصول تي ٻڌل هڪ جامع آبادياتي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻو پوندو، يعني آبادي ۾ اضافي ۽ وسيلن جي دستيابي جي وچ ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻي پوندي. اهو موقف سمورين لاڳاپيل ڌرين بشمول مذهبي اڳواڻن، پاليسي سازن ۽ ترقياتي حصيدارن جي حمايت سان ئي ممڪن آهي، هڪ صحتمند، برابري تي ٻڌل ۽ وسيلن جي موثر استعمال تي ٻڌل مستقبل طرف وڌڻ اسان جي گڏيل عزم جو اظهار آهي. پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته آبادي جي اضافي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي عمل ۾ سموريون ڪميونٽيز جي شموليت به انتهائي اهم آهي، جڏهن برادري جا اڳواڻ، بزرگ ۽ سول سوسائٽي جا ادارا خانداني منصوبابندي جي فائدن کي اجاگر ڪن ٿا ته عوامي روين ۾ مثبت تبديلي آئي آهي، ان حوالي سان ميڊيا به نه رڳو عوام ۾ شعور اجاگر ڪري سگهي ٿي پر صحتمنداڻي طرز زندگي کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ موثر ڪردار به ادا ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته ان سلسلي ۾ اسان کي عالمي ڪامياب تجربن مان پڻ سکڻ گهرجي، جيئن ته خانداني منصوبابندي کي بنيادي صحت جي نظام ۾ ضم ڪرڻ، توليدي صحت بابت ۾ ڪميونٽي جي سطح تي آگاهي وڌائڻ، هيٺئين سطح تي تربيت يافته عورت صحت ڪارڪنن جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ عوامي آگاهي جي روين ۾ تبديلي جي لاءِ ميڊيا جو موثر استعمال ڪرڻ، اهي سمورا قدم آبادي ۾ توازن آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. پنهنجي پيغام جي آخر ۾ صدر آصف علي زرداري سمورن ادارن، سرڪاري کاتن، سول سوسائٽي، تعليمي شعبن، نجي شعبي ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي ته آگاهي ڦهلائڻ، توليدي صحت جي سهولتن کي سگهه ڏيڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي قومي مشن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.