اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪي وسيلن ۽ ترقي تي بار آهي، پارليامينٽ آبادي جي مسئلن جي حل لاءِ قانونسازي ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. اهڙو اظهار هن آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 11 جولاءِ سڄي دنيا ۾ آبادي جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي ملڪي وسيلن ۽ ترقي تي بار آهي، آبادي ۾ توازن کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي بنيادي سهولتن جي فراهمي مشڪل ٿي سگهي ٿي، غربت، بيروزگاري ۽ ماحولياتي مسئلا آبادي جي دٻاءُ سان ڳنڍيل آهن، قومي سطح تي گڏيل حڪمت عملي جي سخت ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ آبادي جي مسئلي جي حل لاءِ قانونسازي ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ان اهم مسئلي جي حل لاءِ مذهبي اڳواڻ، حڪومت، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي هڪ صحفي تي اچن. هن پاڪستان کي هڪ متوزن، ترقي يافته ۽ خوشحال رياست بڻائڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.