اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بلوچستان جي علائقي ۾ 9 مظلوم مسافرن جي قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته مظلوم مسافرن جو قتل انسانيت لڄائيندڙ ۽ برداشت نه ڪرڻ جهڙو عمل آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته دشمن پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، رياست هر بي گناهه شهري جي رت جو حساب وٺندي. سيد يوسف رضا گيلاني قتل ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي سيڪيورٽي ادارن کي جوابدارن جي فوري گرفتاري جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سينيٽ متاثر خاندانن سان گڏ آهي، اهڙا بزدلاڻا حملا قوم جي حوصلي کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي عوام، پاڪ فوج ۽ ادارا دهشتگردي خلاف متحد آهن.