اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت ايڇ اي سي، ميٽا ۽ اين سي اي اي سي سان حصيداري سان نيشنل اي آءِ فيڪلٽي اپ اسڪلنگ پروگرام جي شروعات ڪئي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري ڪيل بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جي صدارت هيٺ فيڪلٽي اي آءِ ٽريننگ پروگرام تي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جيڪو هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي)، ميٽا ۽ نيشنل ڪمپيوٽنگ ايجوڪيشن ايڪريڊيشن ڪائونسل (اين سي اي اي سي) جي حصيداري سان تيار ڪيو ويو آهي.  اجلاس ۾ ايڇ اي سي جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، اين سي اي اي سي جو چيئرمين، آءِ ٽي واري وزارت جي سينئر آفيسرن، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جو سي اي او ۽ ايٽم ڪيمپ جي نمائندن شرڪت ڪئي، ميٽا جي وفد جي قيادت ڏکڻ ۽ وچ ايشيا پبلڪ پاليسي بابت ڊائريڪٽر صارم عزيز ڪئي. وفاقي وزير ان قدم کي پبلڪ – پرائيويٽ- اڪيڊمڪ هم آهنگي جو هڪ ماڊل قرار ڏنو جنهن جو مقصد پاڪستان جي اعليٰ تعليمي شعبي کي ڊجيٽل مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ آهي. هي پروگرام حڪمت عملي متعارف ڪرائي ٿو، سڄي پاڪستان ۾ 1000 کان وڌيڪ غير ٽيڪنيڪي يونيورسٽي فيڪلٽي لاءِ اي آءِ سافٽ اسڪلز ٽريننگ ۽ 250 کان 500 ٽيڪنيڪي فيڪلٽي لاءِ اي آءِ هارڊ اسڪلز جي سرٽيفڪيشن، جن ۾ ڪورسيرا ذريعي ميڊيا جي LLaMA سندون شامل آهن. وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت صرف هڪ ٽيڪنيڪي ٽول ناهي پر تعليم، صحت، زراعت ۽ حڪمراني سميت مختلف شعبن ۾ هڪ انقلابي قوت آهي. هن پروگرام جي سڄي ملڪ ۾ لاڳو، پاليسي سان هم آهنگي ۽ تجويز ڪيل نيشنل اي آءِ پاليسي ۽ ٻين ڊجيٽل مهارتن جي قدمن سان انضمام ۾ آءِ ٽي واري وزارت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير شاگردن تي ٻڌل اي آءِ ٽريننگ مرحلن، اردو ۽ علائقائي ٻولين ۾ مواد جي مقامي تياري ۽ مصنوعي ذهانت ۾ اخلاقيات ۽ سلامتي بابت اصولن جي انضمام جي تجويز ڏني. هن اڳڀرائي جي نگراني لاءِ گڏيل ڊيش بورڊز جي آغاز ۽ هڪ ڊگهي مدي واري اي آءِ فيڪلٽي ڊولپمينٽ فنڊ جي قيام جي به سفارش ڪئي. ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، اين سي اي اي سي جي ٽيم ۽ ميٽا جي قيادت کي ساراهيندي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فيڪلٽي کي جنريٽيو اي آءِ جي علم سان ليس ڪرڻ هڪ مستقبل شناس، اي آءِ باشعور افرادي قوت جي تياري لاءِ نهايت آهي، جيڪو پاڪستان کي عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ موثر شموليت جي قابل بڻائيندو.