اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان ۾ بي گناهه مسافرن تي فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق دهشتگردي جو نشانو بڻيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته معصوم شهرين تي حملو انسانيت لڄائيندڙ آهي، دهشتگرد عنصر قومي وحدت ۽ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته قوم ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آهي، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اسپيڪر شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پارليامينٽ دهشتگردي خلاف فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ آهي، سيڪيورٽي فورسز حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.