اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي لورالائي ۽ موسيٰ خيل ويجهو قومي شاهراهه تي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ بي گناهه معصوم مسافرن کي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون. محسن نقوي چيو ته معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ بدتري جي انتها آهي. گهرو وزير چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائي بدترين بربريت جو مظاهرو ڪيو. معصوم مسافرن کي نشانو بڻائيندڙ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جو هر هنڌ پيڇو ڪنداسين ۽ خاتمو ڪنداسين. محسن نقوي چيو ڀارتي دهشتگردن جي هر سازش قوم جي حمايت سان ناڪام بڻائينداسين.