ماسڪو – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار ھارون اختر خان جي قيادت ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي وفد روس سان گڏجي ھڪ اھم پروٽوڪول تي صحيحيون ڪيون آھن جنھن تحت ڪراچي ۾ قائم پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ نواڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق ان معاھدي تي صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري سيف انجم ۽ روس طرفان واديم ويليچڪو صحيحيون ڪيون. معاھدي تحت پاڪستان اسٽيل ملز کي جديد رخن تي ھموار ڪيو ويندو، جيڪو پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ ھڪ نئين باب جي شروعات ثابت ٿيندو. ھارون اختر خان چيو ته 1971ع ۾ سوويت سھڪار سان قائم ٿيل پاڪستان اسٽيل ملز ھڪ ڀيرو ٻيھر روس جي سھڪار سان بحال ڪئي پئي وڃي، جيڪا وزيراعظم شھباز شريف جي ويزن جي عملي تعبير آھي. ھن وڌيڪ چيو ته اھا شراڪتداري پاڪستان اسٽيل ملز جي ترقي، صنعتي پيداوار ۾ اضافي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ھڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي. ھارون اختر خان چيو ته وزيراعظم شھباز شريف جي صنعت واري ويزن تحت ملڪ ۾ بند صنعتي يونٽس کي ٻيھر فعال ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، جنهن جو مقصد قومي پيداوار ۾ اضافو، روانگي واپار ۾ بھتري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آھي. اھو معاھدو ٻنھي ملڪن وچ ۾ صنعتي سھڪار کي وڌيڪ ھٿي ڏيندو ۽ خطي ۾ پاڪستان جي صنعتي مستقبل لاءِ ھڪ مضبوط بيناد فراھم ڪندو.