ابوظهبي-11 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گڏيل عرب امارتن جي نائب وزيراعظم ۽ گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل شيخ سيف بن زيد الهنيان سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني شهرين کي درپيش ويزا جي مسئلن ۽ سيڪيورٽي تعاون، منشيات، اسمگلنگ ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سهڪار وڌائڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزارت اچڻ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو شاندار استقبال ۽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن جو يو اي اي جي گهرو وزارت جي اعليٰ عملدارن سان تعارف به ڪرايو ويو، ملاقات ۾ پاڪستاني شهرين کي درپيش يو اي اي ويزا جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سيڪيورٽي تعاون جي حوالي سان منشيات ۽ اسمگلنگ جي خاتمي ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ سهڪار وڌائڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا تي  به ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي گهرو وزيرن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي خاص ڪري آرٽيفيشل انٽيليجنس مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. محسن نقوي چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ يو اي اي جي معيشت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، چاهيون ٿا ته پاڪستاني شهري آساني سان يو اي اي اچي سگهن. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ويزا پاليسي ۾ آساني سان شهرين کي وڏو رليف ملندو. گهرو وزير امن امان ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ابوظهبي پوليسنگ جي جديد نظام ۽ آپريشنز روم جو به دورو ڪيو. گهرو وزارت جي عملدارن گهرو وزير محسن نقوي کي مانيٽرنگ آپريشنز روم جي باري ۾ بريفنگ ڏني. گهرو وزير محسن نقوي پوليس مانيٽرنگ جي جديد ترين نظام ۾ گِهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ پوليسنگ سسٽم کي ساراهيو.