اسلام آباد– 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي وڏي آبادي هڪ غيرمعمولي موقعو هجڻ سان گڏوگڏ هڪ اهم چئلينج به آهي، حڪومت نوجوانن کي قومي ترقي ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. آبادي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هر سال آبادي جو عالمي ڏينهن ان عزم سان ملهايو وڃي ٿو ته آباديءَ ۾ پائيدار اضافي ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پوري دنيا متحد آهي. هن سال آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو عنوان ”نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ته اهي هڪ منصفاڻي ۽ پراميد دنيا ۾ پنهنجي گهربل خاندانن کي جوڙي سگهن“ آهي. پاڪستان جي آبادياتي منظرنامي لاءِ هڪ اهم پيغام رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته 242 ملين جي آبادي جنهن ۾ اٽڪل 65 سيڪڙو جي عمر 30 سال کان گهٽ آهي، سان گڏ پاڪستان پنهنجي تاريخ جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي. نوجوانن جو ايترو وڏو انگ هڪ غيرمعمولي موقعو ۽ هڪ اهم چئلينج جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪڏهن نئين نسل جي سٺي پرورش تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن کي بااختيار بڻايو وڃي ته اسان جي نوجوان آبادي، جدت، پيداواري صلاحيت ۽ قومي ترقي جي لاءِ هڪ متحرڪ قوت بڻجي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ايتري وڏي ۽ وڌندڙ آبادي جو انتظام عوامي وسيلن ۽ حڪمراني جي نظام تي به زبردست دٻاءُ آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ جامع حقن تي ٻڌل آبادي جي ايجنڊا جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. اسان صحت جي سارسنڀال تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ، خانداني منصوبابندي کي فروغ ڏيڻ ۽ اهڙي نظام کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون جيڪو ماڻهن کي وقار ۽ خودمختياري سان گڏ پنهنجي مستقبل بابت چونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏي ٿو. اهي ڪوششون پائيدار ترقي جي هدفن ۽ ايف پي هدفن تحت پاڪستان جي واعدن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهن. آبادي جي استحڪام لاءِ هڪ ٺوس، ڊگهي شعبه جاتي موقف جي ضرورت آهي. وزيراعظم سمورين ڌرين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ترقياتي حصيدارن، سول سوسائٽي، پرائيويٽ سيڪٽر، مذهبي اڳواڻن ۽ مقامي ڪميونٽيز تي زور ڏنو ته اهي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري جو ورجاءُ ڪن ته جيئن آباديءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي عزم کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان جو مستقبل صحتمند ۽ وڌيڪ خوشحال بڻجي سگهي.