هنوئي-11 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ويٽنام جي صنعتن ۽ واپار واري وزير نگويين هونگ ديئن سان هنوئي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط بنائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ آهي. واپار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اعليٰ سطح جي ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي. ملاقات دوران ڌُرين ٻه طرفي واپاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ واپار ۾ جدت، مارڪيٽ تائين رسائي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ صنعتي ترقيءَ سميت ٻين اهم شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرن ڪاروباري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، گڏيل منصوبن جي حوصله افزائي ۽ ٽيڪسٽائل، زراعت، دواسازي، آءِ ٽي ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات جي موقعي تي واپاري رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ترجيحي واپاري معاهدن طرف اڳڀرائي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي وڌيڪ آسان بنائي سگهجي. واپار واري وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ کي اجاگر ڪندي ويٽنام کي وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين رسائيءَ جي آڇ ڪئي جيڪو علائقائي رابطن جي منصوبن جي ذريعي ممڪن ٿي سگهي ٿو. ويٽنام جي وزير پاڪستاني چانور، ٽيڪسٽائل ۽ چمڙي جي شين جي آمدني واپار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهرڪئي ۽ ويٽنام جي مينيوفيڪچرنگ ٽيڪنالاجي سيڪٽرز ۾ پاڪستاني سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪئي. ملاقات جي پڄاڻي ان گڏيل عزم سان ٿي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ گڏيل مفادن لاءِ هڪ ڊگهي مُدي واري معاشي حصيداري کي هٿي ڏني ويندي.