اسلام آباد– 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي سرڍاڪا ۾ بس مان مسافرن کي اغوا ڪري مارڻ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردن کي پوري قوت سان منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معصوم شهرين جو قتل فتنه الهندستان جي کليل دهشتگردي آهي، انهن جي رت جو بدلو ورتو ويندو. وزيراعظم چيو ته عزم، اتحاد ۽ طاقت سان دهشتگردي جي ناسور کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي پاڙ کان پٽي سک جو ساهه کڻنداسين.