اسلام آباد– 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه چيڪ سان واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جمهوريه چيڪ يورپ ۾ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه چيڪ جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير شهريار اڪبر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا جي فروغ تي پڻ زور ڏنو. صدر شهريار اڪبر خان کي نئين مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري سان يوڪرين لاءِ نامزد سفير ميجر جنرل (ر) ڪنور عدنان احمد خان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان پنهنجي مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر آصف علي زرداري ميجر جنرل (ر) ڪنور عدنان احمد خان کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.