پتراجايا – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم سان پتراجايا ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ملائيشيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم سال 2025ع جي لاءِ آسيان چيئر جي حيثيت سان ملائيشيا جي قيادت کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم گرمجوش جذبن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو هن سال آڪٽوبر ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري جو منتظر آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار اي آر ايف 2025ع جي وزارتي اجلاس ۾ شاندار مهمان نوازي ۽ متاثر ڪندڙ انتظامن تي وزيراعظم انور ابراهيم جا ٿورا مڃيا. هن آڪٽوبر 2024ع ۾ وزيراعظم انور ابراهيم جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ملائيشيا پاران کنيل عملي قدمن کي پڻ ساراهيو.