واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامي هالي ووڊ اداڪار ميل گبسن نائين اليون حملن کي آمريڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل قرار ڏيندي حڪومت کان ان حوالي سان حقيقتون سامهون آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آسٽريلوي ڄائي ميل گبسن آمريڪي ڪانگريس جي اڳوڻي ميمبر ڪرٽ ويلڊن جي صحافي ٽڪر ڪارلسن کي ڏنل هڪ انٽرويو جي هڪ ڪلپ به شيئر ڪئي ۽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته اٽڪل 25 سال اڳ ٿيل هي واقعو آمريڪا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل ٿي سگهي ٿو. بعد ۾ سامهون آيل بيانن موجب 11 سيپٽمبر 2001ع کي القاعده جي دهشتگردن 4 مسافر بردار هوائي جهازن کي هاءِ جيڪ ڪيو ۽ انهن مان ٻن کي مين هيٽن ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻن اونچين عمارتن سان ٽڪرايو. ٽيون جهاز پينٽاگون جي عمارت سان ٽڪرايو ويو ۽ چوٿون پينسلوينيا جي ميدان ۾ ڪري تباهه ٿيو. انهن واقعن ۾ مجموعي طور تي اٽڪل 3 هزار ماڻهو ماريا ويا. ميل گبسن پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي، ته ايئن ٿو لڳي ته ڄاڻايل 3 عمارتن کي ڪيرائڻ جي باقائده منصوبه بندي ڪئي وئي هئي. هن ان ڳالهه تي خاص طور زور ڀريو ته ان ڏينهن ٻه نه پر ٽي عمارتون ڪريون هيون. هن سوال اٿاريو ته اڄ تائين ڪنهن به اهو ناهي ٻڌايو ته بلڊنگ سان ڪو به جهاز نه ٽڪرايو هو ۽ ان باوجود اها ڪيئن ڪري؟ ميل گبسن چيو ته ٽوئن ٽاورز کي اهڙي طرح تعمير ڪيو ويو هو ته هوائي جهاز ٽڪرائڻ باوجود ان کي ڪرڻ نه گهرجي ها. هن سوال اٿاريو ته ڪنهن کي ان بابت ڳالهائڻ جي اجازت ڇو ناهي ڏني وئي ته ان ڏينهن واقعي ۾ ڇا ٿيو هو. ميل گبسن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته نائين اليون بابت سچ ٻڌايو وڃي ۽ تاريخ کي درست ۽ اسان سڀني کي حقيقت کان آگاهه ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڪرٽ ويلڊن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي زور ڀريو آهي، ته هو ديانتدار ماڻهن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي جيڪا نائين اليون بابت حقيقتن جي ڳولها ڪري عوام سامهون آڻي. ياد رهي ته ماضيءَ ۾ آمريڪي حڪومت طرفان مقرر ڪيل نائين اليون ڪميشن جاچ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو هو ته آمريڪي حڪومت القاعده جي سازش يا ان تي عملدرآمد کي روڪڻ لاءِ 1998کان 2001 تائين ڪو به اثرائتو قدم ناهي کنيو.