دبئي-16 اپريل (اي پي پي ) گڏيل عرب امارات ۾ منعقد ٿيل گڏيل فوجي مشقن ۾ شرڪت لاءِ سعودي فضائيه جا جوان روانا ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل فوجي مشقن ۾ ڪيترن ئي دوست ملڪن جي فضائيه شرڪت ڪري رهي آهي. سعودي فضائيه جي سربراهه جنرل طلال الغامدي گڏيل فوجي مشقن ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيندڙ جوانن کي الوداع ڪيو. سعودي فضائيه ايف-15سي جهازن سان گڏيل مشقن ۾ شرڪت ڪندي. گڏيل مشقن جو مقصد جوانن کي جديد مهارت سيکارڻ آهي.