بيجنگ -16 اپريل (اي پي پي) چين وانگ شوون جي جاءِ تي لي چينگ گانگ کي واپاري نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيجنگ جي انساني وسيلن واري وزارت ويب سائيٽ تي بيان ۾ چيو آهي، ته لي چينگ گانگ عالمي واپاري ڳالهين لاءِ نمائندي طور ۽ نائب واپار واري وزير جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. لي چينگ گانگ ان کان اڳ عالمي واپاري تنظيم ۾ بيجنگ جي سفير ۽ جنيوا، سوئٽزرلينڊ ۾ گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندي طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. ياد رهي ته آمريڪا چين جي شين تي ٽيرف لڳايو ۽ جواب ۾ چين آمريڪي شين تي 125 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.