واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي)آمريڪا چيو آهي، ته يوڪرين سان هلندڙ هفتي معدنيات جي معاهدي تي صحيحيون ٿي سگهن ٿيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزير اسڪاٽ بيسنٽ يوڪرين سان معدنيات جي معاهدي جي حوالي سان تبصرو ڪندي چئي. هن چيو ته آمريڪا ۽ يوڪرين وچ ۾ معدنيات جي معاعهدي تي هلندڙ هفتي صحيحيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسان معاهدي جي تمام ويجهو آهيون. 11 ۽ 12 اپريل کي يوڪرين ۽ آمريڪي نمائندن يوڪرين جي قدرتي وسيلن بابت معاهدي جي شرطن ۽ ضابطن تي ڳالهين لاءِ فني ڳالهيون ڪيون. جنهن کان پوءِ يوڪرين جي وزيراعظم ڊينس شميگل اطلاع ڏنو ته مشاورت جاري آهي.