ابوظھبي – 09 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آھي ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي ھٿي وٺرائڻ ۾ نوجوانن جو وڏي انگ، عوامي زندگي ۾ عورتن جي وڌندڙ حصيداري، زراعت، ثقافتي ورثو، سياحت جي صلاحيتن ۽ تيزي سان ترقي ڪندڙ آءِ ٽي سيڪٽر اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان آجياڻي جو انتظام ڪيو جنھن ۾ سفارتڪارن، يو اي اي حڪومت جي اعليٰ اختيارين، اماراتي شھرين ۽ پاڪستاني برادري به شرڪت ڪئي. گڏيل عرب امارتن جي رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي وزير شيخ نھيان بن مبارڪ النھيان تقريب جو خاص مھمان ھو، جڏھن ته پرڏيھي معاملن بابت مملڪت جي وزير احمد بن علي الصيغ به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. گذريل ڏينھن مليل پريس ريليز مطابق تقريب جي شروعات تي پاڪستاني فنڪارن روايتي بينڊ تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سفير فيصل نياز ترمذي قرارادا پاڪستان جي اھميت کي اجاگر ڪيو ۽ ھڪ نئين رياست جي وڌندڙ ضرورتن کي منھن ڏيڻ ۽ بعد ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت جدوجھد تي روشني وڌي. ھن پاڪستان ۾ اھڙن ڪيترن ئي موقعن ڏانھن ڌيان ڇڪرايو جيڪي ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم حيثيت رکن ٿا، جنھن ۾ صحتمند نوجوانن جو وڌندڙ انگ، عوامي زندگي ۾ عورتن جي وڌندڙ شرڪت، زراعت جي صلاحيت، ثقافتي ورثو، سياحت ۽ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ آءِ ٽي سيڪٽر شامل آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته حڪومت ھڪ ترقي پسند ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آھي جنھن جو مقصد اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي جي ھدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٺوس اڳڀرائي ڪرڻ آھي. ھن غزه ۾ جنگ جي فوري خاتمي ۽ ڳالھين جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي جي ٺھرائن مطابق پاڪستان جي موقف جي توثيق ڪئي. سفير فيصل ترمذي گذريل پنجن ڏھاڪن ۾ گڏيل عرب امارتن جي متاثر ڪندڙ اقتصادي ترقي جو اعتراف ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النھيان جي ڊگھي قيادت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ان کي موجوده صدر شيخ محمد بن زيد النھيان فخر سان جاري رکيو. ھن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي وڌندڙ مضبوط سياسي ۽ اقتصادي حصيداري جو مظاھرو باقاعده اعليٰ سطحي رابطن، صحيح طرح قائم ادارن ۽ 17 لک پاڪستانين جي موجوگي سان ٿئي ٿو. گڏيل عرب امارتن جي باني کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سفارتخاني شيخ زيد بن سلطان مرحوم جي زندگي ۽ ڪمن تي ھڪ ڪتاب به جاري ڪيو جنھن جو عنوان شيخ زيد، معمار وطن آھي ۽ ھڪ مشهور پاڪستاني خان زمان سرور تحرير ڪيو آھي. اھو ڪتاب پاڪستاني ڪيمونٽي طرفان يو اي اي جي عوام ۽ حڪومت کي خراج تحسين آھي. ان موقعي تي پاڪستان جي مشهور ڪاروباري شخصيت عدنان نياز کي سندس شاندار خدمتن تي ستاره امتياز سان به نوازيو ويو.