بينگلورو-09 اپريل (اي پي پي) ڪرڪيٽ ان انڊيا بابت بورڊ آف ڪنٽرول (بي سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ انڊين پريمئير ليگ (آءِ پي ايل) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، ليگ جي اڄ وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو. ليگ جي 24 هين ميچ رائل چئلينجرز بنگلورو ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيمن وچ ۾ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم، بينگلورو ۾ کيڏي ويندي. ليگ جي 18 هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ٽيمن وچ ۾ فائنل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏيون وينديون جيڪي ڀارت جي مختلف هنڌن تي کيڏيون وينديون. آءِ پي ايل جي 16 هين ايڊيشن ۾ گوهاٽي اسٽيڊيم پنهنجو آءِ پي ايل ڊيبيو ڪيو هو. ليگ ۾ ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم ٽائيٽل جو دفاع لاءِ ايڪشن ۾ هوندي، ليگ ۾ شامل 10 ٽيمن ۾ دفاعي چيمپئين ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز کانسواءِ ٻين ٽيمن ۾ چنائي سپر ڪنگز، گجرات ٽائيٽنز، ممبئي انڊينز، دهلي ڪيپيٽلز، پنجاب ڪنگز، راجسٿان رائلز، رائل چئلينجرز بنگلور، سن رائزرز حيدرآباد ۽ لکن سپر جائنٽس شامل آهن. آءِ پي ايل جي فائنل ميچ ڪولڪته ۾ 25 مئي تي شيڊول آهي.