رياض-09 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت خبردار ڪيو آهي ته حج لاءِ غير سرڪاري ادارن سان ڏي وٺ نه ڪئي وڃي. مقامي پانڌيئِڙا به حج پئڪيج جي بڪنگ حج وزارت جي ويب سائيٽ يا نسڪ پورٽل تان ڪن. پرڏيهي خابرو اداري موجب حج ۽ عمري واري وزارت امسال فريضه حج جي ادائيگي جي خواهش مندن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته فرضي حج ڪمپنين کان خبردار رهو. پرڏيهي ملڪن جا حج پانڌيئڙا پنهنجي ملڪن جي سرڪاري حج مشنز ذريعي حج ويزا حاصل ڪن جيڪي 80 ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن . اهڙا ملڪ جتي حج مشنز ناهن اتي رهندڙ حج ڪرڻ جا خواهشمند نسڪ حج پورٽل ذريعي حج بڪنگ ڪرائي سگهن ٿا. وزارت حج پانڌيئڙن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري لاڳاپيل اداري مان جاري ٿيل حج پرمٽ ئي قبول ڪيو ويندو جيڪو وزارت جي ويب سائيٽ يا پورٽل تان جاري ڪيو ويندو آهي.