تل ابيب _ 8 اپريل (اي پي پي) اسرائيل جي حڪومت انساني ۽ اخلاقي قدرن کي مڪمل طور نظرانداز ڪندي اعلان ڪيو آهي ته هو فلسطينين خلاف بک کي هٿيار طور ستعمال ڪندي ۽ غزه پٽي ۾ ڪڻڪ جو هڪ داڻو به داخل نه ٿيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو اعلان اسرائيل جي ناڻي واري وزير پرڏيهي اخبار جي رپورٽ جي جواب ۾ ڏنو جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيل جي فوج قيدين جي مٽا سٽا جي حوالي سان معاهدي کانسواءِ غزه ۾ امداد جي داخلا ٻيهر شروع ڪرڻ جي تياري ۾ آهي . اسرائيل جي ناڻي واري وزير چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين خلاف بک کي هٿيار طور استعمال ڪندو ۽ غزه پٽي ۾ ڪڻڪ جو هڪ داڻو به داخل نه ٿيندو. ياد رهي ته اسرائيل 2 مارچ تي زندگي جي ضرورتن بابت سمورين بنيادي شين تي ٻڌل امداد لاءِ غزه پٽي جي لنگهه کي بند ڪري ڇڏيو هو . غزه ۾ انساني امداد ۽ طبي اوزارن جي داخلا کي به اسرائيل روڪي ڇڏيو آهي . جنهن جي ڪري غزه پٽي ۾ انساني صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ ان ڳالهه جي تصديق حڪومتي ۽ مقامي تنظيمن جي رپورٽن ۾ ڪئي وئي آهي ۽ اسرائيل جي حڪومت غزه ۾ انساني امداد جي داخلا روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي.