دبئي _8 اپريل (اي پي پي) ايران ۽ آمريڪي اختيارين وچ ۾ ڳالهيون 12 اپريل تي عمان ۾ ٿينديون جنهن جي تصديق ايران جي پرڏيهي وزير ۽ آمريڪي صدر ڪئي آهي. عالمي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ سطح جون سڌي ريت ڳالهيون 12 اپريل تي عمان ۾ ٿينديون . هن چيو ته اهو هڪ امتحان به هوندو . هن چيو ته بال هاڻي آمريڪا جي ڪورٽ ۾ آهي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل مهيني چيو هو ته هن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ ايٽمي پروگرام تي ڳالهين جي تجويز ڏني وئي آهي . ان جي جواب ۾ ايران آمريڪا سان سڌي ريت ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون پر ان ڳالهه جو اشارو اهو ڏنو ته ڳالهيون ٽياڪڙي ذريعي جاري رکي سگهجن ٿيون. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران سڌي ريت صلاح ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيلن کان اگاهه ناهي ڪيو ويو.