احمد آباد _ 8 اپريل (اي پي پي) بي سي سي آئي جي اهتمام هيٺ انڊين پريمئير ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ليگ ۾ اربع 9 اپريل تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو. ليگ جي 23 هين ميچ گجرات ٽائيٽنز ۽ راجسٿان رائلز جي ٽيمن وچ ۾ نريندر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ کيڏي ويندي . گجرات ٽائيٽنز جي اڳواڻي ڀلوڙ بيٽسمين شبمن گل جڏهن ته راجسٿان رائلز جي قيادت وڪٽ ڪيپر بيٽسمين بازسنجو سيمسن ڪندو. ليگ جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي. ليگ جي 18 هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ٽيمون مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏنديون. آءِ پي ايل جو فائينل ڪولڪته ۾ 25 مئي تي رٿيل آهي.