رياض-08 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت خبردار ڪندي چيو آهي ته عمره زائرين يا حج ويزا تي آيل شخص جي سندس ملڪ واپس نه وڃڻ جو اطلاع نه ڪرڻ يا اطلاع ڪرڻ ۾ دير تي ڪمپني کي هڪ لک ريال ڏنڊ لڳندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب گهرو وزارت چيو آهي ته حج يا عمره ڪمپني خلاف ضابطي واري ڪارروائي ٿيندي. جنهن تحت عمرو ڪندڙ زائرين يا حاجي طئي شده وقت تي واپس نه ويندو ۽ ان جو اطلاع ڄاڻايل ادارن کي وقت تي نه ڏنو ويندو . عمره زائرين ۽ حج ويزا تي ايندڙ ماڻهن جي ويزا ۾ ملڪ ۾ قيام جو مدو مقرر آهي جنهن جي ختم ٿيڻ تي ان کي واپس وڃڻ گهرجي . وزارت موجب عمره زائرين ۽ حاجين کي واپس موڪلڻ ڪمپني جي ذميواري آهي جيڪڏهن ڪو زائرين يا حاجي طئي ٿيل وقت تي واپس نٿو وڃي ته ان جو فوري اطلاع ڏيڻ گهرجي.