اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ملڪن، يورپ، چين، آمريڪا ۽ ٻين خطن مان معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کربين ڊالر جي معدني ذخيرن مان فائدو کڻي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو، معدنيات جي ويليو ايڊيشن ڪري روانگي واپار کي فروغ ڏينداسين، اها سيڙپڪاري سڀني جي لاءِ فائديمند آهي، سيڙپڪار ڪمپنيون نوجوانن کي هنر جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، گڏجي پاڪستان کي دنيا جو عظيم ملڪ بڻائينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان منرلز انويسٽمنٽ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزيرن، وڏن وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، پاڪ فوج جي سربراهه کانسواءِ چين، عرب، نار، آمريڪا ۽ يورپ سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سفير ۽ ڪاروباري شخصيتن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم فورم ۾ غيرملڪي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته هو انهن کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو. هن فورم جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن فورم جي منعقد ڪرڻ سان مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ هي فورم معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جو سبب بڻجندو. وزيراعظم ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي کي حوصلي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته منرلز جو شعبو سالن کان اسان جي ڌيان جو مستحق هو. الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات سان مالامال ڪيو آهي. پاڪستان ۾ کربين ڊالر جا معدني ذخيرا آهن جن مان فائدو کڻي پاڪستان قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي جبلن کان وٺي خيبرپختونخواهه جي برف کان ڍڪيل پهاڙن ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان وٺي سنڌ جي وادين ۽ پنجاب جي ميدانن تائين پورو پاڪستان معدنيات سان مالامال آهي. انهن عظيم اثاثن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جا ميدان زرخيز ۽ عوام بهادر ۽ چئلينج قبول ڪندڙ آهي ۽ پنهنجي محنت سان مٽيءَ کي سون ۾ بدلائڻ جي طاقت رکي ٿي. وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پاڪستان جا ادارا گڏجي ڪم ڪن ته تمام جلد اسان پنهنجي تقدير بدلائي سگهون ٿا پر ان جي لاءِ عزم ۽ ارادي جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ کاڻين جي کوٽائي سان مقامي نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن انهن کي ضروري فني تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ادارا قائم ڪيا ويا آهن. بلوچستان ۾ کاڻين جي کوٽائي سان سماجي ۽ معاشي ترقي ٿيندي. وزيراعظم نار ملڪن، چين، يورپ، آمريڪا سميت ٻين خطن مان سيڙپڪارن جي آجيان ڪندي چيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن. معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سڀني جي لاءِ ڪارائتي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جا سڀ کان وڏا ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، سنڌ حڪومت ڪوئلي جي ذخيرن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي، درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي تي دارومدار ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ڪئي پئي وڃي. انهن ذخيرن کي سيمنٽ پلانٽس ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پنجاب ۾ چنيوٽ ويجهو لوهه جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيا جن کي اسٽيل ۾ بدلائي سگهجي ٿو. بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڻ معدنيات جي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته خام مال بدران تيار ٿيل مصنوعات جي برآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اسان کي مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ڪري روانگي واپار کي فروغ ڏيڻو آهي. هن سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي تيار مصنوعات تي ڪم ڪن، ان سان انهن کي فريٽ چارجز جي مد ۾ پڻ وڏي بچت ٿيندي. هن کاڻين جي کوٽائي جي صنعت جي لاءِ فني تربيت کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته نوجوانن کي فني تربيت جي لاءِ نجي شعبي ۽ حڪومتي سطح تي حصيداري کي فروغ ڏنو ويندو. سيڙپڪار ڪمپنيون نوجوانن کي هنر جي فراهمي ۾ ڪردار ادا ڪن. ان سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ پڻ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا قدرتي وسيلن سان مالامال علائقا ترقي جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيا آهن. اسان گڏجي پاڪستان کي دنيا جو عظيم ملڪ بڻائينداسين.