اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پائيدار معاشي استحڪام جي لاءِ معدني وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه رڳو مالي موقعن جي نمائندگي ڪري ٿي پر ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ پائيدار ۽ ٽيڪنيڪي طور تي ترقي يافته مستقبل کي محفوظ بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي، پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع دوست ملڪن ۽ حصيدارن کي هڪ ٻئي سان ملڻ، نوان امڪان ڳولڻ ۽ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اقتصادي ترقي جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي، پاڪستان حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سخت پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، انهن ڪوششن جا نتيجا اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن ۾ تيزي ڏيکاري رهيا آهن. نائب وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي مضبوط آمد ۽ وڌندڙ ايف ڊي آءِ انتهائي ضروري پرڏيهي ناڻو فراهم ڪري رهي آهي، ملڪي کپت، سيڙپڪاري ۽ مجموعي اقتصادي ترقي کي وڌائي رهي آهي. اهي ڪاميابيون فچ ۽ موڊيز جي بهتري ڪريڊٽ ريٽنگ سان معاشي استحڪام ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط جي لاءِ اسان جي عزم جون عڪاس آهن. هن چيو ته پاڪستان اسٽريٽجڪ طور تي عالمي کاڻين جي کوٽائي جي پاور هائوس جي طور تي اڀرڻ جي پوزيشن ۾ آهي جنهن جو بنياد ان جي بي مثال ارضياتي دولت آهي. هن چيو ته ٽيٿيان ميٽالوجينڪ بيلٽ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽامي ۽ سون جي علائقن مان هڪ ”ريڪوڊڪ“ جهڙو ذخيرو پاڪستان ۾ آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ناياب زميني عنصرن، صنعتي معدنيات، غيرڌاتي ۽ قيمتي پٿرن بشمول عالمي سطح تي گهربل پيريڊوٽ ۽ زمرد جا وسيع وسيلا پڻ رکي ٿو، ان وسيع غيراستعمال ٿيل معدني صلاحيت سان پاڪستان جي ريسورس ڪوريڊور جو مقصد عالمي سپلاءِ چينز کي نئين شڪل ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي. هن چيو ته تاريخي طور تي اسان جي ارضياتي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ نه آندو ويو آهي، معدنيات جي شعبي کي اڃا تائين پنهنجي صلاحيت جي تناسب سان معاشي فائدا حاصل ڪرڻا آهن. هن چيو ته ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت ترقي پسند پاليسي سڌارن ۽ سيڙپڪارن تي مرڪوز قدمن جي ذريعي ان شعبي جي اسٽريٽجڪ ترقي کي ترجيح ڏني آهي جنهن سان هڪ مضبوط ماحولياتي نظام جو بنياد رکيو ويو آهي جيڪو سمورين ڌرين جي لاءِ قدر فراهم ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پنهنجي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي چٽاڀيٽي مالياتي شرطن سان هم آهنگ ڪندي پاڪستان وسيلن جي ڳولا، انهن کي ڪڍڻ، ريفائننگ، لاجسٽڪس ۽ انفراسٽرڪچر ۾ پائيدار، اعليٰ پيداوار رکندڙ منصوبن جي لاءِ پاڻ کي هڪ متحرڪ مرڪز جي طور تي بيهاري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو ڊيموگرافڪ ڊيويڊنڊ هڪ اسٽريٽجڪ فائدي جي طور تي موجود آهي. 30 سالن کان گهٽ عمر جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ۽ 22.8 سالن جي وچولي عمر سان اسان جا نوجوان، جيڪڏهن ٽارگيٽيڊ ۽ صلاحيت سازي جي قدمن جي ذريعي بااختيار بڻايا وڃن ته اهي کاڻين جي کوٽائي جي ويليو چين ۾ جدت ۽ عمدگي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته وسيلن، پاليسي ۽ انساني سرمائي جو گڏجڻ پاڪستان جي معدني شعبي جي پائيدار ترقي ڏيڻ جي لاءِ بي مثال موقعا فراهم ڪري ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025ع ڌرين، دوست ملڪن ۽ حصيدارن کي هڪ ٻئي سان ملڻ، نوان امڪان ڳولڻ ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي حصيداري قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. هن سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي دورانديشي سان ۽ پاڪستاني عوام جي گڏيل ڀلائي کي ذهن ۾ رکندي سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته ان شعبي جي حقيقي صلاحيت کي صحيح معنيٰ ۾ کولڻ جي لاءِ اسان کي سيڙپڪاري سان گڏوگڏ تعاون جي لاءِ گڏيل عزم جي ضرورت اهي. هن چيو ته حڪومتن، صنعتڪارن، سيڙپڪارن ۽ مقامي ڪميونٽيز جي وچ ۾ تعاون ضروري آهي. نائب وزيراعظم چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه رڳو مالي موقعن جي نمائندگي ڪري ٿي پر ايندڙ نسل جي لاءِ پائيدار ۽ ٽيڪنيڪي طور تي ترقي يافته مستقبل کي محفوظ بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.