اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائل جباروف نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ميڪائل جباروف سندس ۽ پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي نائب وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مضبوط گهڻ رخي شعبه جاتي تعاون جي ذريعي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.