اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پنجاب پنهنجي پاڻي جي حصي مان جيڪو به منصوبو ٺاهڻ چاهي ته ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ هن چيو ته ڪجهه وقتن تي غلط فهميون پيدا ٿي وڃن ٿيون انهن غلط فهمين کي ختم ڪرڻ گهرجي، اسان سڀ ڀائر آهيون، منهنجو پيپلزپارٽي سان ويجهو تعلق آهي، واهن جو معاملو اڳ ۾ ايڪنڪ ۾ آيو ايڪنڪ ۾ 8 ميمبر هوندا آهن، مون کي وزيراعظم ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت ڏني آهي. هن چيو ته ايڪنڪ ۾ پيپلزپارٽي اعتراض ڪيو ته مون ان منصوبي تي وڌيڪ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي، ڪجهه ميمبر ان منصوبي تي ڳالهه ڪرڻ چاهيندا هئا، مون چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ يڪجهتي کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي، ان کانپوءِ ايڪنڪ جي اجلاس جي ڪنهن به ايجنڊا تي مون واهن جو مسئلو اچڻ نه ڏنو. هن چيو ته آئون يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سنڌو درياءَ جو هڪ ڦڙو به پنجاب ۾ نه ورتو ويندو، پنجاب پنهنجي پاڻي جي حصي مان جيڪو به منصوبو ٺاهڻ چاهي ته ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي.