اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڪائيون مضبوط هونديون ته وفاق مضبوط هوندو، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، پاڻي جي ورڇ جو قانون موجود آهي، اسان کي سمورا صوبا عزيز آهن، ڳالهه ٻولهه جي ذريعي مسئلن جو حل چاهيون ٿا، اپوزيشن ليڊر پنهنجي رويي مان ثابت ڪيو ته هو نااهل اپوزيشن ليڊر آهي، هو عوامي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده نه آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته صوبا مضبوط هوندا ته وفاق مضبوط هوندو، هن ايوان ۾ اهڙيون سياسي پارٽيون موجود آهن جن گذريل ڪيترن ئي سالن کان جمهوريت جي استحڪام ۽ وفاق جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ بيشمار قربانيون ڏنيون جيڪي پنهنجو مثال پاڻ آهن، اسان جمهوري عمل جو حصو آهيون، اسان جي پارٽي هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان ڪنهن شيءَ کي بلڊوز ڪرڻ ۽ ڪا راءِ مڙهڻ تي يقين نه ٿا رکون. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ هڪ نظام موجود آهي. 1991ع جي پاڻي جي ورڇ جي معاهدي تي سمورن صوبن جون صحيحون موجود آهن، اهو معاهدو ميان نواز شريف جي حڪومت ۾ وجود ۾ آيو، انهي پارليامينٽ ارسا ايڪٽ 1992ع منظور ڪيو، ان ايڪٽ تحت پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان هڪ منصفاڻو نظام جوڙيو ويو، انڊس ريور سسٽم اٿارٽي قائم ڪئي وئي جنهن تحت رولز پڻ موجود آهن. هن چيو ته اسان سياسي ۽ جمهوري ماڻهو آهيون ۽ اتفاق راءِ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اڪائيون مضبوط هونديون ته وفاق مضبوط هوندو، هن ملڪ جا چار ئي صوبا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير اسان کي ايترائي پيارا آهن جيترو اسان کي پنجاب پيارو آهي، سنڌ اوليائن جي ڌرتيءَ آهي، ان سان اسان جو لڳاءُ اسان جي لاءِ مقدس حيثيت رکي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڻي جي ورڇ جو مسئلو ٽيڪنيڪل مسئلو آهي، ان جو حل به ٽيڪنيڪل طور تي ئي نڪرندو آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان مسئلي جو حل افهام تفهيم سان نڪري سگهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اپوزيشن ليڊر پنهنجي رويي مان ثابت ڪيو ته هو نااهل اپوزيشن ليڊر آهي، هن اسپيڪر جي فراخدلي ۽ غيرجانبداري جو ناجائز فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ جيڪي لفظ استعمال ڪيا اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، ان هن ايوان جي توقير جو به خيال نه ڪيو، هو نه ته خيبرپختونخواهه سان مخلص آهي ۽ نه ئي سنڌ سان، جڏهن سنڌ جي ڳالهه ٿي ته هنن ان تي به جواب ٻڌڻ گوارا نه ڪيو ڇو ته هو ان مسئلي ۾ دلچسپي نه ٿا رکن، انهن کي مسئلن سان ڪا دلچسپي نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي شروع ۾ صدر جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته صدر وفاق جو سربراهه آهي، هو صحتمند ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي به فون تي ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هن صدر جي طبيعت پڇي.