اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران نائب وزيراعظم آمريڪا سان پنهنجي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي مختلف شعبن خاص طور تي اهم معدنيات ۾ تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معيشت ۽ واپار ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مستقبل جي لاڳاپن جي سڃاڻپ هوندو. نائب وزيراعظم 2013ع کان 2018ع دوران ڪاميابي سان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي جنهن سان پاڪستان کي تمام گهڻو معاشي ۽ انساني نقصان ٿيو. آمريڪي پرڏيهي وزير دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي آمريڪي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪي پرڏيهي وزير افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي فوجي ساز ۽ سامان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.