اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته ٻن ڏينهن وارو پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم (پي ايم آءِ ايف 25) جي باقائده شروعات اڱاري کان ٿيندي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي منرلز ڪمپنين سان معاهدن جي توقع آهي. فورم ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهه مان مهمانن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. فورم جو مقصد پاڪستان جي معدني ذخيرن ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي استحڪام لاءِ معدني ذخيرن جي وسيلن کي ڪتب آڻڻ آهي. منرل انويسٽمينٽ فورم ۾ تقريبن 300 پرڏيهي نمائندا شريڪ ٿي رهيا آهن. ڪالهه او جي ڊي سي ايل جي، ايم ڊي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان ۾ معدني وسيلن ۽ کاڻين جي کوٽائي جي دستياب صلاحيتن جي آگاهيءَ لاءِ هي ايونٽ منعقد ڪيو پيو وڃي. تقريب ۾ پاڪستان جي هاڻوڪي پاليسي سڌارن ۽ نيشنل منرلز هارمونائزيشن فريم ورڪ جو تعارف، اداره جاتي صلاحيت جي تعمير ۽ پائيدار توانائي جي منتقلي لاءِ عزم کي به پيش ڪيو ويندو. شرڪت ڪندڙن کي ملڪ جي معدني شعبي جي ترقيءَ لاءِ اسٽريجڪ ويزن جي باري ۾ سڌيءَ ريت ڄاڻ حاصل ٿيندي، جيڪو ان کي پُرڪشش سيڙپڪاريءَ جي مقام طور مضبوط ڪندو. هن چيو ته فورم ۾ سعودي عرب، چين، آمريڪا، ڪئنيڊا، آذربائيجان، ازبڪستان، قازقستان، ترڪمانستان، چيڪ ريپبلڪ، فن لينڊ، يو ڪي. انڊونيشيا، ڊئنمارڪ ۽ ڪينيا سميت ڪيترن ئي ملڪن جا عملدار، نمائندا ۽ ڪمپنيون به ان ايونٽ ۾ شريڪ ٿي رهيون آهن. معدنيات جي شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ هي فورم انتهائي اهميت رکندڙ آهي. فورم ۾ تقريبن 300 جي لڳ ڀڳ پرڏيهي شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ بي پناهه معدني ذخيرا موجود آهن. پي ايم آءِ ايف 25 پاڪستان جي معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي ڳولڻ لاءِ عالمي اسٽيڪ هولڊرز جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ان تاريخي ڪانفرنس جي کاڻين جي کوٽائي جي ترقيءَ ۾ ذميداراڻي اؤسر کي هٿي وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي ناليوارن معدني وسيلن ۽ ٽيڪنالاجيز جي نمائش ڪئي ويندي. هن چيو ته هي ايونٽ اڄ ۽ سڀاڻي اپريل تي جناح ڪنوينشن ۾ منعقد ڪيو ويندو. پيٽروليم واري وزير جو چوڻ هو ته جهڙيءَ طرح دنيا اندر ايونٽس منعقد ڪيا پيا وڃن. ايونٽس ۾ ملڪن جي پوٽيشنل جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي ٿي. اسان ان ليول تي ان ايونٽ جو بندوبست ڪرڻ چاهيون ٿا ته جيئن عالمي سطح تي ملڪن، ناليواريون ڪمپنيون، سيڙپڪار، پاليسي ساز ۽ صنعت جا ماهر پاڪستان جي معدني وسيلن جي صلاحيت کي ڳولي سگهن. شرڪت ڪندڙن کي ملڪ جي معدني شعبي ۾ ترقيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ ويزن جي باري ۾ سڌيءَ ريت ڄاڻ حاصل ٿيندي جيڪو ان کي هڪ پُرڪشش سيڙپڪاريءَ جي مقام طور مضبوط ڪندو. هن چيو ته بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ ٽامي ۽ سون جا ذخيرا موجود آهن جهڙيءَ طرح اسان وٽ انڊيڪيٽرز منرلز ريسورسز موجود آهن ته شايد اهڙيءَ طرح اهي اسان جي اڪانامي جي ڳاڻيٽي جي اندر نظر نٿا اچن. ان حوالي سان آگاهي ڏيڻ لاءِ هي ايونٽ هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي. هن چيو ته مقامي شاگردن جي ٽريننگ لاءِ ۽ اسڪلز لاءِ انٽرنيشنل اسپيشلسٽ فورمز مان ٽريننگ جو پنهنجو پروگرام لانچ ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل ڏيڍ سال دوران وزيراعظم محمد شهباز جي حڪومت مشڪل ترين حالتن ۾ معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي. مهانگائيءَ جي شرح ۾ وياج جي شرح ۾ نمايان گهٽتائيءَ سان گڏوگڏ انويسٽرز جو اعتماد به بحال ٿيو آهي. ان موقعي تي او جي ڊي سي ايل جي، ايم ڊي چيو ته منرل فورم جو مقصد معدني شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ آهي. فورم جو بندوبست هاڻ باقائده سالياني بنياد تي ڪيو ويندو. منرل فورم جي موقعي تي ڪيترائي ذخيرا ريافت ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويندو.