پشاور -07 اپريل (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي، ته ڪينالن جو معاملو سي سي آءِ ۾ حل ٿيڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته امن امان قائم ڪرڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، اهڙي ريت خيبر پختونخوا ۾ امن قائم ڪرڻ علي امين گنڊاپور جي ذميواري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان ڌرتي استعمال ٿي رهي آهي، افغانستان کي پنهنجي شهرين کي واپس گهرائڻ گهرجي، قانون موجب ڪو به افغاني بنا ويزا جي پاڪستان ۾ نٿو رهي سگهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مولانا فضل الرحمان کي اسان افغانستان نه موڪليو هو، پاڻ خيرسگالي طور اتي ويو هو، ان کي پارليامينٽ نه موڪليو هو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتي دور ۾ اين ايف سي ايوارڊ نه ڪرايو هو. اين ايف سي ايوارڊ ٿيڻ گهرجي، صوبي ۾ هن وقت ناڻي وارو وزير ناهي، خيبر پختونخوا جو ناڻي وارو وزير هوندو ته صوبي جو ڪيس وڙهندو. خيبر پختونخوا جي گورنر چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ خيبر پختونخوا کي 600 ارب روپين کان وڌيڪ مليا، ان باوجود صوبي ۾ پوليس کي جديد اسلحو نه پيو ڏنو وڃي، جيڪڏهن پي ايس ڊي پي ۾ مشاورت نه ٿيندي ته بجيٽ ۾ ووٽ نه ڏينداسين، فيصل ڪريم ڪنڊي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪينالن جي معاملي تي سنڌ جي عوام جا خدشا آهن، ميڊيا تي ڊسڪشن بدران اهڙن معاملن تي سي سي آءِ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هڪ سال ٿي ويو آهي، سي سي آءِ جو اجلاس نه پيو گهرايو وڃي، اسان چاهيون ٿا ته ڪينالن جو معاملو سي سي آءِ ۾ حل ٿيڻ گهرجي.