اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ ذريعي خطي ۾ ايڪي، اتحاد ۽ امن کي هٿي ڏني ويندي. اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪسٽافن سان ملاقات دوران چئي. هن مذهبي معاملن واري وزارت ذريعي ڀائر اسلامي ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو ته گذريل حڪومتي دؤر ۾ بين المذاهب هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي ڪافي ڪم ڪيو آهي. پارٽي پاليسي قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهيا آهيون. هن سفير طرفان قازقستان ۾ ٿيندڙ ڪانگريس آف ورلڊ ليڊرز ۾ شموليت جي دعوت جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ شاگردن ۽ عالمن جي وفدن جي مٽاسٽا چاهيون ٿا، جنهن سان عوامي سطح جي لاڳاپن کي هٿي ملندي. سفير چيو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ قازقستان جي صدر جو پاڪستان جي دؤري جو امڪان آهي. گذريل سال سينٽرل ايشيا ۾ قازقستان، پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر هو، ڪوشش آهي ته هلندڙ سال قازقستان مان پاڪستان جي سڌيءَ ريت اُڏامن کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي. هن ٻُڌايو ته قازقستان جي رانديگرن ۽ واپارين جو هڪ وفد جلد پاڪستان اچي رهيو آهي، واپارين جو وفد ڪراچيءَ ۾ رٿيل بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو. پاڪستان سان گڏيل سهڪار جي ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ڪري رهيا آهيون.