نئين دھلي – 08 اپريل (اي پي پي) ڀارت پنھنجو جنگي جنون جاري رکندي اسرائيلي ساخته ھوائي دفاع جي نظام جو تجربو ڪيو آھي جنھن سبب ھڪ ڀيرو ٻيھر ھٿيارن جي ڊوڙ ۾ ڀارت -اسرائيل ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿي ويو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت ھائپرسونڪ ميزائل جو تجربو ڪيو آھي جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته ڀارت جو اسرائيلي ھٿيارن تي دارومدار وڌي ويو آھي. اسرائيل جي ميڊيا مطابق اسرائيل ايرو اسپيس انڊسٽريز دعويٰ ڪئي آھي ته اھو ميزائل سسٽم اسرائيلي ڪمپني ۽ ڀارتي ھٿيار ٺاهيندڙ ڪمپني ڊي آر ڊي او گڏجي تيار ڪيو آھي جيڪو ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڳٺ جوڙ ۽ ھٿيارن جي ڊوڙ کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو. ان دفاعي نظام کي زميني ۽ سامونڊي ٻنھي پليٽ فارمز تي نصب ڪري سگھجي ٿو ۽ اھو 70 ڪلو ميٽرن تائين ھوائي ھدفن کي نشاڻو بڻائي سگھڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ان دفاعي نظام کي 2017ع ۾ ڀارت کي وڪرو ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت کان لڳاتار انهن جا تجربا جاري هئا. اھو سسٽم پھريان ئي ڀارتي ھوائي ۽ سامونڊي فوج جو حصو آھي.