واشنگٽن -06 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي سميت مختلف شهرن ۾ هزارين مظاهرين صدر ٽرمپ خلاف احتجاج لاءِ نڪتا آهن، پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن سڄي آمريڪا ۾ اٽڪل هڪ هزار 200 مختلف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ شرڪت ڪندڙن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس ارب پتي صلاحڪار ايلون مسڪ خلاف مارچ ڪيو. واشنگٽن مانيومينٽ جي آسپاس پارڪ ۾ گڏ ٿيل مظاهرو ڪندڙن جي انتظاميه ٻڌايو ته نيشنل مانيومينٽ ٿيل ريلي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت متوقع آهي، ان احتجاج لاءِ ٺاهيل ويب سائيٽ مطابق اٽڪل 150 تنظيمن ۽ گروپن احتجاج ۾ شرڪت لاءِ سائن اپ ڪيو. آمريڪا جي سمورين 50 رياستن کان علاوه ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ به احتجاج جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. رياست نيو جرسي جي شهر پرنسٽن سان تعلق رکندڙ هڪ رٽائرڊ بائيو ميڊيڪل سائنسدان ٽيري ڪلين انهن ماڻهن ۾ شامل هئي، جيڪي واشنگٽن يادگار هيٺان اسٽيج تي جمع هئا. يادگار جي آسپاس ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهيو، ڪجهه ماڻهن يوڪرين جا جهنڊا کنيا هئا ۽ ڪجهه فلسطيني ڪوفيته اسڪارف پهريا هئا ۽ فلسطين کي آزاد ڪيو جا پلي ڪارڊ به کنيا هئا. صدر ٽرمپ جي ذاتي رهائشگاهه ويسٽ پام بيچ ۾ مار اي لاگو کان اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي 400 کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ احتجاج لاءِ جمع ٿيا.