لاهور -06 اپريل (اي پي پي) پنجاب پوليس جي اسپيشل آپريشنز سيل قتل، قتل جي ڪوشش جهڙين سنگين وارڌاتن ۾ گهربل 2 خطرناڪ اشتهاري ڏوهاري گڏيل عرب امارات مان گرفتارڪري ورتا. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب پنجاب پوليس اسپيشل آپريشنز ٽيم اشتهاري ڏوهارين کي حراست ۾وٺي دبئي مان گذريل ڏينهن صبح جو پاڪستان پهچي وئي. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال پرڏيهه مان گرفتار خطرناڪ اشتهارين جو انگ 18 ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته گرفتار ڪري پاڪستان آندل اهي اشتهاري ڏوهاري ڏوهه ڪري گڏيل عرب امارات فرار ٿي ويا هئا.