بيجنگ -06 اپريل (اي پي پي) چين ٽرمپ جي واپاري محصولن کي رد ڪندي چيو آهي، ته آمريڪا کي چين جي معيشت ۽ واپار دٻائڻ لاءِ هٿيار طور ٽيڪسن جو استعمال بند ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گهٽتائي جي تصوير فيس بڪ تي پنهنجي اڪائونٽ تي شيئر ڪندي لکيو آهي، ته مارڪيٽ پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چين مان آيل شين تي 34 سيڪڙو اضافي ٽيڪس لڳايا آهن، جنهن سان سڄي سال ۾ مجموعي ٽيڪس جي شرح 54 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ گڏوگڏ چين کان گهٽ قيمت شيون بغير ٽيڪس آمريڪا اچڻ جو رستو بند ٿي ويو آهي. صدر ٽرمپ جي ٽيرف جي جواب ۾ چين پڻ امريڪي مصنوعات تي 34 سيڪڙو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه خاص قسم جي ڌاتن جو روانگي واپار به روڪي ڇڏيو آهي. چين جي حڪومت خبردار ڪيو آهي، ته آمريڪا جو اهو رويو عالمي واپاري نظام کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ انهن قدمن کان پوءِ چين پنهنجي خودمختياري ۽ ترقياتي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو.