رياض-06 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ٽيڪس ۽ ڪسٽم اٿارٽي مختلف ڪارروائين دوران هڪ هفتي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ منشيات وارين شين سميت پابندي پيل ٻين شين جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب اٿارٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جاچ ٽيمن هڪ هفتي دوران منشيات سميت هڪ هزار 18 کان وڌيڪ پابندي پيل شيون ۽ ڪرنسي اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. اٿارٽي ملڪي معيشت ۽ معاشري جي تحفظ لاءِ پابندي پيل شين جي اسمگلنگ خلاف جاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته اٿارٽي کي وقت تي ۽ درست اطلاع ڏيندڙن کي راز ۾ رکيو وڃي. جڏهن ته درست معلومات هجڻ جي صورت ۾ انهن کي انعام پڻ ڏنو وڃي. اٿارٽي جو چوڻ آهي، ته معاشري جي تحفظ لاءِ ڪنهن به شڪي ڪارروائي بابت 1910 ٽول فري نمبر تي اطلاع ڏئي سگهجي ٿو.