اسلام آباد-05 اپريل(اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير عطا الله تارڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اڳوڻي سيڪريٽري خواجه اعجاز سرور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته خواجه اعجاز سرور جي لاڏاڻي جو ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم هڪ باوقار، مخلص ۽ تجربيڪار شخصيت جو مالڪ هو جنهن وزارت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عطا الله تارڙ چيو ته مرحوم جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحوم جي ايصال ثواب ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.