روم/ ميڪسيڪو سٽي _03 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي اعلان تي اٽلي ۽ ميڪسيڪو تنبيهي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني فيس بڪ تي بيان ۾ يورپي يونين خلاف 20 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي قدم کي غلط قرار ڏيندي چيو ته ان مان ڪنهن کي به فائدو ناهي. هن واپاري جنگ کان بچڻ جو رستو ڳولڻ جو مشورو به ڏنو. هن چيو ته اسان آمريڪا سان ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهندو ڪنداسين ته جيئن جنگ کان بچي سگهجي ڇو ته ان سان اولهه ٻين عالمي رانديگرن جي مقابلي ۾ ڪمزور ٿيندو. هن چيو ته معاملو ڪو به هجي اسان هميشه وانگر اهو ئي ڪنداسين جيڪو اٽلي ۽ ان جي معيشت لاءِ بهتر هجي ۽ يورپي يونين جي شراڪت دارن سان به ڳالهيون ڪنداسين. ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شين بام چيو ته هو وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ جو انتظار ڪندي ته ان نئين ٽيرف سان هن جو ملڪ متاثر ٿيندو يا نه. هن نيوز بريفنگ ۾ چيو ته اسان جي دلچسپي رڳو ميڪسيڪو جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ آهي.